ماڪڙ سبب سنڌ جا 73 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادگار متاثر ٿيا: رپورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ماڪڙ جي نقصانن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب سنڌ ۾ ماڪڙ سان 73 سيڪڙو آبادگار متاثر ٿيا.

ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪورونا ۽ ماڪڙ سان ٿيندڙ نقصانن تي سروي رپورٽ جاري ڪئي آهي، رپورٽ ۾ سنڌ صوبي جي 4 سئو کان وڌيڪ آبادگارن جي سروي ڪئي وئي.

ان سروي ۾ ڪورونا سبب لاڪ ڊائون جي اثرن ۽ ماڪڙ سان ٿيندڙ نقصانن جا تفصيل گڏ ڪيا ويا.

سروي ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادگارن خوراڪ جي پهچ ۾ کوٽ جي نشاندهي ڪئي، جڏهن ته ٽيون حصو آبادگارن گهٽ آمدني هجڻ جي حوالي سان ٻڌايو.

رپورٽ موجب لاڪ ڊائون سبب کير، ڪڻڪ، ڀاڄين سميت ٻين اهم زرعي جنسن جي سپلاءِ متاثر ٿي، سڀ کان وڌيڪ ٽماٽي جي سپلاءِ ۾ 61 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.

ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ماڪڙ سبب 73.7 سيڪڙو آبادگار متاثر ٿيا، حڪومت کي ڪورونا ۽ ماڪڙ جي ناڪاري اثرن جي ازالي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.