مولانا عادل جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جامعه فاروقيه جي مهتمم مولانا ڊاڪٽر عادل خان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪراچي علماءِ ڪائونسل جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ جامعه فاروقيه جو مهتمم مولانا ڊاڪٽر عادل خان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊرائيور سميت شهيد ٿي ويو هو.

سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي علماءِ ڪميٽي حڪومت کي 48 ڪلاڪن جو الٽي ميٽم ڏنو هو ۽ هاڻ قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪراچي علماءِ ڪميٽي پريس ڪانفرنس دوران جمعو 16 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ ڦيٿا جام هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

علماءِ ڪميٽي چيو آهي ته حڪومت طرفان مولانا عادل جي قتل جي جاچ لاءِ ٺاهيل ڪميٽي ڪو رابطو ناهي ڪيو، قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪي قدم نظر نه پيا اچن.

علماءِ ڪميٽي موجب ٽرانسپورٽرن، وڪيلن ۽ واپارين هڙتال جي حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.