فهد مصطفيٰ ايندڙ فلم ۾ ڪيئن نظر ايندو؟ سوشل ميڊيا تي تصوير جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ فلم ”قائداعظم زنده آباد“ ۾ پنهنجي ڪردار جي پهرين جهلڪ ڏيکاري ڇڏي، جنهن کي ڏسندڙن طرفان ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.

فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي جاري ڪيل تصوير ۾ فهد مصطفيٰ ڪاري چشمي سان پوليس جي ورديءَ ۾ ماڻهن جي هجوم ۾ بيٺل آهي.

فهد مصطفيٰ جي فلم ۾ ان ڪردار کي جتي واهپيدارن طرفان ساراهيو پيو وڃي، اتي ئي وري ساٿي اداڪارا ماهرا خان به فهد مصطفيٰ کي ان روپ ۾ پسند ڪيو آهي.

فلم ”قائداعظم زنده باد“ ۾ فهد مصطفيٰ سان گڏ ماهرا خان به مک ڪردار نڀائي رهي آهي ۽ اها فلم ڊسمبر ۾ رليز ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.