مورو: ڳوٺ موسا ڏاھري جي متاثر بيواھ عورتن پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج

موري ۾ ڳوٺ موسا ڏاھري جي متاثر بيواھ  عورتن  پاران چار ايڪڙ زرعي زمين تي غير قانوني قبضي خلاف اهتجاج ڪيو ويو ،احتجاج ڪندڙ عورتن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نعري بازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي مسمات امير زادي ڏاھري، عائشا ڏاھري،سويرا،رمشا ڏاھري،چيو ته  هو غريب مسڪين آهن، انهن جي چار ايڪڙ زرعي  زمين ڳوٺ موسا ڏاھري ۾ آھي جنھن  تي بااثر جوابدارن ،اسماعيل ڏاھري،غلام نبي ڏاھري،نظير ڏاھري،غير قانوني ھٿيارن جي زور تي ناجائز قبضو ڪيو آھي،دولت پور پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود جوابدار گرفتار نٿي ڪري ، هنن  وس وارن کان مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو فورن ختم ڪرائي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.