ڪراچي: 16 آگسٽ تي ڀٽائي آباد مان کنڀي گم ڪيل ٻن شاگردن وارثن جو مظاهرو

16 آگسٽ تي ڀٽائي آباد مان کنڀي گم ڪيل ٻن شاگرد ڀائر غلام رسول شر ۽ بشير شر اڃان تائين آزاد ٿي نه سگهيا ، وارثن پاران سندن آزاديء لاء پيرسن والد رزاق شر،ڀينرن مرڪ شر،پرهه شر،منير مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين صفورا چورنگي تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي رزاق شر چيو ته ٻن مهينن کان گهر مان کنڀي کنيل  ٻئي پٽ لاپتا آهن هو ٻن مهينن کان روڊن تي آهيون پر ڪو به نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي  پٽن جو ڪنهن به تنظيم سان واسطو ناهي جيڪڏهن هنن جو ڪو ڏوهه آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

گم ٿيلن جي ڀينرن مرڪ شر ۽ پرهه شر چيو ته اسين سخت پريشان آهيون ڀائرن جي گمشدگيء کانپوء امڙ جي طبعيت خراب ٿي وئي آهي اسان جا ڀائر بي گناهه آهن انساني حقن جون تنظيمون آزاديء  ۾ مدد ڪن

سندن چوڻ  هو ته الزام هيٺ آيلن کي ملڪي عدالتن ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ آزاد ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.