رتيديري ڀرسان ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل 2 ڄڻن جي پلاند ۾ ٻٽو قتل

رتيديري ڀرسان ڲوٺ يعقوب جلباڻي ۾ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي پلاند ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو ، هٿياربندن  28 سالن جي فضل محمد جلباڻي ولد شمس الدين جلباڻي  ۽ 45 ورهين جي ھمٿ جلباڻي ولد لائق جلباڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو . 12 ڪلاڪن اندر رتيديري ۾ چار ڄڻا قتل ٿي ويا آھن . علائقي اندر خوف ۽ حراس پکڙجي ويو جڏهن ته  وڌيڪ ڇڪتاڻ برقرار آهي ،  ياد رھي ته گذريل رات دير سان موٽر سائيڪل سوار ٻن ڄڻن معشوق عمراڻي ۽ پنھل ڪٽوھر کي ڲوٺ يعقوب جلباڻي ڀرسان فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو ، جنھن جو الزام ڲوٺ يعقوب جلباڻي جي جلباڻي برادري مٿان لڲايو ويو ھو ۽ ان جي پلاند ۾ ھٿياربندن ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.