مخالف جلسا ڪري ڏسن، کين پنهنجي حيثيت جي خبر پئجي ويندي: شبلي فراز

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته مريم صدر ٺيڪ ٿي چئي جنوري ۾ حڪومت ويندي پر حڪومت جنوري 2020 نه جنوري 2028 ۾ ويندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته اهڙا ماڻهو، جن تي ڪرپشن جا ڪيس قائم آهن، اهي حڪومت کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائڻ چاهين ٿا، انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن حالتون سٺيون ٿينديون ته انهن کي جاءِ نه ملندي، انهن جو بنيادي مقصد لُٽيل ناڻي کي تحفظ ڏيڻ آهي، اهي چاهين ٿا ته حڪومت دٻاءَ ۾ اچي رعايت ڏئي پر اپوزيشن جماعتن جي گڏجڻ سان اسان کي ڳڻتي ناهي.

هن چيو اسان سمجهون ٿا ته انهن کي انهن جي حيثيت کان وڌيڪ سيٽون مليون آهن، اهي جلسا ڪري ڏسن کين خبر پئجي ويندي، ٻن سالن کان پارليامينٽ ۾ ويهي پگهارن جا مزا وٺي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان ان ئي پارليامينٽ مان صدارتي چونڊ وڙهي چڪو آهي، اهي مولانا صاحب ۽ مولانا صاحب انهن کي استعمال ڪري رهيو آهي، گذريل سال به انهن مولانا صاحب کي گهرائي دوکو ڏنو.

سندس موجب مريم صدر جي ڳالهه تي حيرت ٿي، انهن قوم جي پئسي سان ملڪيتون ٺاهيون آهن، مريم صفدر اها ئي آهي، جيڪا چوندي هئي پاڪستان ۾ ڪا پراپرٽي ناهي، اهي موسمي نظرياتي ماڻهو آهن، سمجهن ٿا ته حڪمراني انهن جو حق آهي.

شبلي فراز چيو ته عوام جي اڄ جيڪا حالت آهي، ان جا ذميوار توهان آهيو، مريم صدر ٺيڪ ٿي چئي جنوري ۾ حڪومت ويندي پر حڪومت جنوري 2020 نه جنوري 2028 ۾ ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.