اسد عمر جو ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کان بچڻ لاءِ ضروري قدمن تي زور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کان بچڻ لاءِ ضروري قدمن تي زور ڏنو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) اجلاس جي صدارت ڪندي اسد عمر چيو ته حڪومت جي تيار ڪيل ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي.

اين سي او سي طرفان جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي 103 ضلعن جي 3 هزار 497 مارڪيٽن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ 50 سيڪڙو ٽيسٽنگ ٽريس، ٽيسٽ ۽ قرنطينه حڪمت عملي تحت ڪئي پئي وڃي.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ صوبائي چيف سيڪريٽرين پنهنجي صوبن جي حڪومتن طرفان وائرس جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.

وفاقي وزير اسد عمر چيو ته هيل تائين قوم درست قدم کنيا آهن، جنهن سان بيماري جي پکيڙ روڪڻ ۽ فوتگين جو اگهه گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي.

هن چيو ته عوام جو فعال ردعمل هيل تائين اهم رهيو آهي ۽ پاڪستاني عوام وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ هدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ سنجيدگي ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪيو.

اسد عمر عوام جي روين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ميڊيا کي به خراج پيش ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.