ويوو جو پهريون 44 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا فون پاڪستان ۾ اچي ويو

ويوو پنهنجو 44 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا سان ليس اسمارٽ فون وي 20 پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

خيال رهي ته ڪمپني گذريل مهيني وي 20 ۽ وي 20 پرو متعارف ڪرايا هئا جنهن مان هڪ فون هاڻ پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

وي 20 ۾ 6.44 انچن جو اموليڊ ڊسپلي ڏنو ويو آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪينر اسڪرين جي اندر لڳل آهي.

هي ڊيوائس ڪوالڪوم اسنيپ ڊراگون 720 جي پراسيسر سان ليس آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪمپني جي فن ٽچ او ايس 11 سان ڪئي وئي آهي.

فون ۾ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

وي 20 ۾ 4000 ايم اي ايڇ بيٽري 33 واٽ فليش چارج سپورٽ سان گڏ آهي جڏهن ته ڊيوائس جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ لاءِ ملٽي ٽربو نالي فيچر به ڏنو ويو آهي.

هڪ نئون فيچر ميموري ري ڪالر آهي جيڪو صارف جي پراڻين يادن کي تازو ڪندو آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيميرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ مين ڪيميرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل مونو ڪروم ڪيمرا ڏني وئي آهي.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڪيمرا فيچرز ۾ سپر نائٽ موڊ، ٽرائي پوڊ موڊ، موشن آٽوفوڪس، ٿري ڊي سائونڊ، ٽريڪنگ، ڊوئل ويو ويڊيو، پورٽريٽ ويڊيو ۽ 240 فريم في سيڪنڊ سلوموشن سيلفي ويڊيو ذڪر جوڳي آهي.

۽ هان ان فون جي سيلفي ڪيمرا به ڪنهن کان گهٽ ناهي جنهن ۾ ايترا وڌيڪ پڪسلز ڏنا ويا جيڪي ڪافي اسمارٽ فونز جي بيڪ ڪيمرائن ۾ به ناهن هوندا.

فرنٽ تي نوچ ڊيزائن ۾ 44 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي جيڪا آءِ آٽو فوڪس سان گڏ آهي.

پاڪستان ۾ هي فون 2 رنگن مڊ نائٽ جاز ۽ سن سيٽ مليوڊي ۾ موجود هونددو ۽ 17 آڪٽوبر کان 59 هزار 999 رپين ۾ خريدي سگهبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.