سوشل ويلفيئر کاتي جي آفيسرياڻين کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سوشل ويلفيئر کاتي جي آفيسرياڻين کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) موجب سوشل ويلفيئر کاتي جي هڪ عورت آفيسر دانهن ڏني آهي ته کاتي جي 25 ڪميشنڊ آفيسرياڻين کي هراسان ڪيو پيو وڃي.

ايف آءِ اي اختيارين چيو آهي ته عورت آفيسرن پنهنجي سينارٽي کي ڪليم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ کانپوءِ ئي انهن جا فون نمبر غير اخلاقي ويب سائٽس تي وڌا ويا آهن.

عورت آفيسرن  کي ملڪي توڙي پرڏيهي نمبرن تان غير اخلاقي پيغام ۽ ڪالز وصول ٿي رهيون آهن.

ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته عورت آفيسرن جي دانهن تي سائبر ڪرائم طرفان باقاعدي طور انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي.

اختيارين شڪ ظاهر ڪيو آهي ته عورت جا نمبر ليڪ ڪرڻ ۾ لاڳاپيل کاتي جو ئي ڪو اهلڪار ملوث آهي.

سائبر ڪرائم سرڪل جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر فيض الله ڪورجي چيو آهي ته اڳ ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي سان ملي عورتن جا نمبر ويب سائيٽ تان هٽرايا ويندا، پوءِ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.