ايس ايڇ او جي قاتل کي موت جي سزا

مردان (ويب ڊيسڪ) مردان ۾ دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت پوليس تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

اي ٽي سي ۾ جوابدار منيب تي ايس ايڇ او کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ان کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.

عدالتي حڪم ۾ جوابدار جي ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ مٿس 10 لک رپيا ڏنڊ به مڙهيو ويو آهي.

عدالتي فيصلي ۾ 3 اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ تي جوابدار کي 20 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار زخمي اهلڪارن کي هر هڪ 50 هزار رپيا ڏنڊ به ادا ڪندو.

واضح رهي ته جوابدار منيب 2016 ۾ ڇاپي دوران پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن ۾ ايس ايڇ او اصغر خان شهيد ۽ 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.