”اُهو دور ختم ٿيو جڏهن حڪومت جا گناهه معاف ۽ مخالف ڌر کي بنا گناهن جي سزا ملندي هئي“

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پيمرا جو موٽر وي زيادتي ڪيس جي ڪوريج تي پابندي وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس قاسم خان ريمارڪس ڏنا ته حق ڄاڻڻ جي تحت عوام کي آگاهي کان نٿو روڪي سگهجي.

چيف جسٽس قاسم خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ پيمرا نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس قاسم خان سرڪاري وڪيلن کي روسٽرم تي گهرايو. ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هي پيمرا جو معاملو آهي.

درخواستذاگر عدالت کي ٻڌايو ته دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت جي حڪم تي پيمرا موٽر وي ريپ ڪيس جي ڪوريج تي پابندي هڻي ڇڏي آهي جيڪا آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، دهشتگردي جي انت ۽ پيمرا جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

چيف جسٽس قاسم خان ريمارڪس ڏنا ته ميڊيا ڪيس جي ڪارروائي بابت پورٽنگ ڪري سگهي ٿو، رائٽ آف انفارميشن جي تحت عوام کي آگاهي کان نٿو ڪري سگهجي.

جسٽس قاسم خان هدايت ڪئي ته ميڊيا جوابدار ۽ متاثر ماڻهن جي خاندان جون تصويرون نه هلائيندي. هن حڪم ڏنو ته جوابدار عابد جي گرفتاري بابت ميڊيا تي وزيرن ۽ مددگار جي پريس ڪانفرنسن جو ريڪارڊ پيش ڪيو.

چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ قاسم خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جڏهن پيمرا پابندي هنئي هئي ته وزيرن ۽ مددگارن جون تقريرون نشر ٿيون، اُهو دور ختم ٿي ويو جڏهن حڪومت جا سمورا گناهه معاف ۽ مخالف ڌر کي بنا گناهن جي سزا ملندي هئي، جوابدار ۽ مدعي جون ميڊيا تي تصويرون شيئر نه ڪيون وڃن، چيف جسٽس قاسم خان درخواست اُڪلائي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.