ڪوٽڙي ۽ سکر جي اسپتالن ۾ پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، بائيڪاٽ

گرينڊ ھيلٿ الائنس سنڌ جي سڏ تي سڄي سنڌ وانگر ڪوٽڙي ۽ سکر جي سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران او پي ڊيز جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪري اسپتالن جي گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو. ڪوٽڙي ۾ لڳل ڌرڻي ۾ موجود ڊاڪٽر حفيظ آرائين ڊاڪٽر عبدالرب شيخ ـ اشرف جتوئي ۽ ٻين چيو ته ڪورونا جي ڪري ميڊيڪل اسٽاف جون حياتيون داء تي لڳل هجڻ باوجود حڪومت رسڪ الائونس ختم ڪري نا انصافي ڪئي آهي. سول اسپتال سکر جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاء ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري مظاهرو ڪيو ويو ، اڳواڻن ڊاڪٽرعبدالقيوم ۔ڊاڪٽر عبدالمجيد پٺاڻ ۔ارشاد پٺاڻ۔ زاهد چاچڙ۔فريد جتوئي ۽ ٻين سنڌ حڪومت پاران ڊاڪٽرن ۽ عملي کي ڪرونا هيلٿ رسڪ الائونس سميت ٻيون سهولتون نه ڏيڻ جي مذمت ڪئي ۽ ڪرونا رسڪ الائونس سميت سموريون سهولتون ڏنيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.