”جيڪو شخص خاص مددگار لاءِ ٺيڪ ناهي اُهو سي پيڪ جو سربراهه ڪيئن ٿو ٿي سگهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر احتساب جي عمل تي سوالن اٿاريندي چيو آهي ته ڪابينا جو هڪ ميمبر خاص مددگار جي عهدي لاءِ به ٺيڪ ناهي ته اُهو سي پيڪ جهڙي اهم اٿارٽي کي ڪيئن ٿو هلائي سگهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته گذريل 2 سالن ۾ سفيد پوش طبقي جو ڀرم ۽ پت وائکي ٿي جيڪو هڪ الميو آهي.

سندس چوڻ هو ته خواب ته وڏا وڏا ڏيکاريا ويا، ڪٿي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ۽ اڄ حالتون سڀني جي سامهون آهن.

مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اڄ اخبارن ۾ هڪ سرخي زينت بڻيل آهي ته ڪابينا جي اهم ميمبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ وزير اعظم هن جي استعيفيٰ قبول ڪري ورتي، اسان اِهو سوال پڇڻ چاهيون ٿا ته اُهو جنهن هڪ پوزيشن تان استعيفيٰ ڏني ساڳيو ماڻهو هڪ ٻي اهم پوزيشن تي ڪيئن تي ڪم ڪري سگهي.

هن چيو ته جيڪڏهن هو هڪ پوزيشن رکڻ جي لاءِ صحيح تصور نٿو ٿئي ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جهڙي اهم اٿارٽي هلائڻ جي لا ڪيئن ٺيڪ تصور ٿو ٿي سگهي.

سندس چوڻ هو ته عوام جي آڏو پنهنجي احتساب جي نظريي کي بچائڻ جي لاءِ هڪ لالي پاپ اُڇلائي وئي آهي ته ڏسو اسان استعيفيٰ وٺي ڇڏي، اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته هن کان ڪهڙن سبب تحت استعيفيٰ ورتي وئي يا قبول ڪئي وئي.

مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته جيڪڏهن اُهي سبب خاص مددگار جي منصب کي جاري رکڻ جي لاءِ ٺيڪ ناهن ته پوءِ هو سي پيڪ اٿارٽي تي هوندو ۽ اسان ان ٻٽي معيار کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا.

مخالف جي 16 آڪٽوبر جي جلسي بابت هن چيو ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو به ان جلسي ۾ شرڪت ڪندو، اسان جي پنجاب جي صدر قمر الزمان ڪائره لالاموسيٰ ۾ پنهنجي گهر کان وڏي جلوس جي قيادت ڪندي گجرانوالا جلسي گاهه ۾ پهچندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.