شهباز شريف جي واش رومز ۾ ڪيمرائون هنيون ويون: مريم اورنگزيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جي حڪم تي شهباز شريف جي واش رومز ۾ ڪيمرائن هنيون ويون آهن.

مريم اورنگزيب لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اي پي سي فيصلن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ عمران خان جي حڪم تي شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ويو، شهباز شريف نيب جي سمورن سوالن جا جواب جمع ڪرائي چڪو آهي، هن کي تڏهن گرفتار ڪيو ويو جڏهن ٽرائل شروع ٿيو، شهباز شريف جي خلاف هڪ ٿيلهي جي ڪرپشن به ثابت ناهي ٿي.

مريم اورنگزيب ٻڌايو ته شهزاد اڪبر ويس تبديل ڪري نيب ۾ ايندو آهي، شهباز شريف جي ڪمري ۽ واش رومز ۾ شهزاد اڪبر جي ذريعي ڪيمرائون هڻايون ويون، هن جي ڪمري ۾ دوربين سان ڏٺو ويندو آهي، هن جي ويڊيو عمران خان کي ڏيکاري ويندي آهي.

ن ليگ جي ترجمان جو چوڻ هو ته شهباز اڪبر نيب چيئرمين کي حڪم ڏنو ته شهباز شريف کي پَٽَ تي ماني ڏني وڃي ۽ نماز جي لاءِ ڪرسي نه ڏني وڃي، اِهو سڀ ڪجهه عمران خان جي حڪم تي ٿي رهيو آهي، پريهئن نيب ڪسٽڊي ۾ شهباز شريف جي واش روم ۾ اهڙيون شيون لڳايون ويون جنهن سان هو زخمي ٿي پيو جڏهن ته نواز شريف به نيب ڪسٽڊي ۾ بيمار ٿيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.