ڪراچي جي ٽن ڪاليجن ۾ ڪورونا ڪيس، تدريسي عمل رُڪجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ٽن سرڪاري ڪاليجن ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچي ويا.

ڊائريڪٽوريٽ آف ڪاليجز ڪيس سامهون اچڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٽنهي ڪاليجن ۾ پڙهائي جو عمل روڪيو ويو آهي.

ڊائريڪٽوريٽ آف ڪاليجز موجب سر سيد گورنمينٽ گرلز ڪاليج ناظم آباد ۾ ليب اٽينڊنٽ، ليڪچرار ۽ شاگردياڻي ۾ وائرس جي تصديق ٿي.

گلستان جوهر گورنمينٽ ڪاليج بلاڪ 12 جي عملي ۾ به وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته ڪياماڙي جي سرڪاري ڪاليج ۾ پڻ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.