دنيا عالمي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون ڪري: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته دنيا عالمي ٺهرائن جي موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون ڪري.

پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچين ٽرنر جي پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، ڪورونا وبائي صورتحال گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ماحولياتي تبديلي، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار جي هٿي جي حوالي سان خاص ڳالهيون ٿيون.

مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ برطاني  جي وچ ۾ پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا موجود آهن، برطانيا، پاڪستان جو اهم واپاري ڀائيوار آهي ۽ اسان ان ڀائيواري کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جا حامي آهيون.

برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان جنهن حڪمت عملي سان ڪورونا وبا جي پکڙجڻ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي اُهو تعريف جوڳو آهي.

ملاقات ۾ پرڏيهي وزير ڀارت طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري مظلوم ڪشميرين کي ڀارتي ظلم مان ڇوٽڪاري ڏيارڻ ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني۾ ڪشمير مسئلي جي مسقتل حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.