هڪ سال ۾ پاڪستان جو مجموعي قرض 3 هزار 419 ارب رپيا وڌي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان جي مجموعي قرض جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب آگسٽ 2020 تائين وفاقي حڪومت جو مجموعي قرض 35 هزار 659 ارب رپيا ٿي ويو، جڏهن ته آگسٽ 2019 ۾ پاڪستان جو مجموعي قرض 32 هزار 240 ارب رپيا هو.

انگن اکرن موجب گذريل هڪ سال جي عرصي ۾ پاڪستان جو مجموعي قرض 3 هزار 419 ارب رپيا وڌيو، جڏهن ته پاڪستان جو مقامي راجب الادا قرض 24 هزار 100 ارب رپيا ٿي ويو، آگسٽ 2019 تائين پاڪستان جو مقامي قرض 22 هزار 14 ارب رپيا هو.

واضح رهي ته گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان جي مقامي قرض ۾ 2 هزار 86 ارب رپيا واڌ ٿي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو ٻاهريون قرض 11 هزار 559 ارب رپيا ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.