”عمران خان جي حڪم تي نيب منهنجي ڪرسي کَسي“

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف عدالت ۾ شڪايت ڪئي آهي ته هن چيلهه جي سور لاءِ گهران اسپيشل ڪرسي گهرائي هئي جيڪا نيب وارن کسي ڇڏي.

احتساب عدالت ۾ شهباز شريف سميت ٻين جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب ٽيم شهباز شريف کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

شهباز شريف چيو ته آئون فاضل جج صاحب کان ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو مون کي اجازت ڏني وڃي، عدالت گذريل ٻڌڻي تي مون ماني ڏيڻ بابت حڪم ڏنو، توهان جي گذريل نوٽيس تي منهنجي ماني جو معاملو حل ٿي ويو، جج صاحب سڀني کي خبر آهي ته مون کي چيلهه جو سور آهي، ان ڪري جيڪا اسپيشل ڪرسي مون گهران گهرائي هئي اُها عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي حڪم تي نيب وٺي ڇڏي.

شهباز شريف چيو ته مون کي عام ڪرسي فراهم ڪئي وئي آحي جنهن تي ويهي نماز پڙهندو آهيان ۽ ماني کائيندو آهيان، ان جي ڪري چيلهه جي سور ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، هڪ شخص کي اُتي تڪليف ڏيڻ چاهن ٿا جتي هن کي اڳ ۾ ئي سور آهي، اِهو ڪٿان جو اصول ۽ انصاف آهي، عدالت کان درخواست آهي ته نيب وارن کي قانون جي موجب حڪم ڏئي، چيلهه جي سور سبب مون کي ٿراپي ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت چيو ته توهان باقاعده درخواست لکي ڏيو تفصيلي حڪم جاري ڪنداسين. عدالت شهباز شريف کي ريفرنس جون ڪاپيون فراهم ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.