موٽر وي زيادتي ڪيس جو مک جوابدار سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل حوالي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) عدالت موٽر وي زيادتي ڪيس جي مک جوابدار عابد ملهي کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو.

ڪرائمز انٽيليجنس ايجنسي (اي آءِ اي) ماڊل ٽائون جي ٽيم موٽر وي زيادتي ڪيس جي مک جوابدار عابد ملهي کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن جي سربراهي ايس پي سي آءِ اي عاصم افتخار ڪئي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد حسين ڀٽه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي پوليس ڪيس جي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي.

عدالت ڪيس جي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ جوابدار عابد ملهي کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ 14 ڏينهن لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو.

ان موقعي تي موٽر وي زيادتي ڪيس جي ٻئي جوابدار شفقت کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن جو عدالت 28 آڪٽوبر تائين وڌيڪ جسماني رمانڊ منظور ڪيو.

واضح رهي ته موٽر وي زيادتي ڪيس جي مک جوابدار کي گذريل ڏينهن فيصل آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.