نواز شريف طرفان لاڪ ڊائون قانونن جي ڀڃڪڙي تي لنڊن پوليس جو ايڪشن

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان مبينا طور لاڪ ڊائون قانونن جي ڀڃڪڙي تي لنڊن پوليس هڪ شهري کان تفصيل گهري ورتا.

ٽوئيٽر تي هڪ واهپيدار گذريل ڏينهن هڪ ويڊيو شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ نواز شريف ڪجهه ٻين ماڻهن سان گڏ هائيڊ پارڪ ۾ واڪ ڪري رهيو هو.

ان ويڊيو تي ريڊيئنٽ  (RadiantSez) ميٽروپوليٽن پوليس جو ڌيان ڇڪايو ۽ لکيو ته اهي ماڻهو اصول ۽ ماسڪ جي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.

ميٽرو پوليٽن پوليس نوٽيس وٺندي ڄاڻايل واهپيدار کي چيو آهي ته اهو سڌي ريت پيغام موڪلي تفصيل فراهم ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.