حافظ حمد الله جي شهريت رد ڪرڻ جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇا حافظ حمد الله جي شهريت تي شڪ ڪري سگهجي ٿو، ڇا هن جو پٽ تازو ئي ملٽري اڪيڊمي مان پاس آئوٽ ناهي ٿيو؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ف جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر حافظ حمد الله جي شهريت رد واري نادرا جي حڪم جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله نادرا جي ڪنڊڪٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حافظ حمد الله جو پٽ تازو ئي ملٽري اڪيڊمي مان پاس آئوٽ ناهي ٿيو؟ ڇا هن جي شهريت تي شڪ ڪري سگهجي ٿو؟ حافظ حمد الله جنهن جون پراپرٽيون هتي آهن ۽ جيڪو پاڻ پارليمنٽرين آحي ڪيئن توهان ان جي شهريت رد ڪري سگهو ٿا؟ هي عدالت اهڙي ريت شهرين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ ڏيندي.

چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ نادرا وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون جي تحت توهان ماڻهن جي شهريت تي سوال اٿاريندا آهيو؟ ايترو عرصو ٿيو آهي روزاني جي بنياد تي پٽيشنز داخل ٿي رهيو آهن، ان معاملي کي هميشه جي لاءِ طئي ڪنداسين.

نادرا وڪيل جواب ڏنو ته ايجنسيز کان رپورٽ اچڻ تي ڪنهن شهري جي خلاف ڪو ايڪشن ورتو ويندو آهي، سيڪشن 18 جي تحت شهري کي هڪ شوڪاز نوٽيس جاري ڪيون ٿا.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هن ڪورٽ جو رجسٽرار توهان ڏانهن ڪجهه موڪلي ٿو ته توهان ڪنهن جي شهريت رد ڪندا؟ حمد الله صاحب جو ڪارڊ ڇو رد ڪيو، هو ته پارليمنٽرين به آهي، اِها ته ايليٽ ڪلاس آهي عام ماڻهن سان خبر ناهي توهان ڇا ڪندا هوندا، توهان کي خبر آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪرڻ جا ڪهڙا اثر پوندا آهن، ڇا توهان اکيون ٻوٽي اِهو ڪندا آهيو؟ توهان پنهنجي اختيارن کي غلط استعمال ڪري رهيا آهيو، ٻه سالن کان توهان کي ٻڌائي رهو آهيان نادرا کي ان قسم جو به اختيار ناهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حافظ حمد الله جي شهريت رد ڪرڻ واري ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.