ڏهرڪي ۾ڪامريڊ مانڌل شر ميموريل اسپتال جو افتتاح ڪيو ويو

ڏهرڪي ۾ڪامريڊ مانڌل شر ميموريل اسپتال جو افتتاح ڪيو ويو، افتتاح  مهمان خاص ايس ٽي پي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو ڪيو ،تقريب ۾ ڏهرڪي تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شبير چنا ، معزز ڊاڪٽرن شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايس ٽي پي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح ڳالهائيندي چيو ته مرحوم ڪامريڊ مانڌل شر هميشه هتان جي ماروئڙن جو آواز اٿاريو ۽ خدمت ڪئي،  اڄ ان جو پٽ ڊاڪٽر حسن ناصر هتان جي عوام جي خدمت جي جذبي هيٺ پنهنجي والد جي نالي سان منسوب اسپتال کولي هڪ بهترين قدم کنيون آهي،  ڊاڪٽر حسن ناصر چيو ته انهن اڳ ۾ هي ميموريل سينٽر امام بارگاھ لڳ کوليو هو اتي رش وڌي وڃڻ ڪري  ناڪا نمبر 5 تي منتقل ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.