کوسڪي : ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پاران پگھارون نه ملڻ خلاف مظاهرو

کوسڪي ۾ ٽائون ڪميٽي  جي ملازمن  پاران  ٻن مھينن جون پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ، ٽائون ڪميٽي  جي ملازمن حيدر شيخ, مصطفيٰ رند ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ٽائون ڪاميٽي ملازمن جون ٻن مھينن کان پگھارون  بند ھئڻ ڪري اهي سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن وزيراعلي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي  اپيل ڪئي ته انهن  جون  رھيل پگھارون  ڏنيون وڃن ۽ ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو و وسيع ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.