پيرا ميڊيڪل ايسوسي ايشن جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاج،بائيڪاٽ

مطالبن جي مڃتا لاءِ پيرا ميڊيڪل ايسوسي ايشن جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو ، ڏھرڪي سرڪاري اسپتال  ۾ پيرا ميڊيڪل عملي جو اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن ﷲ وسايو،  امداد علي شعبان لغاري گيانچند ۽ ٻين چيو  ته انهن جا  رسڪ الائونس بند ڪيا ويا آهن جيڪا اسان سان ناجائزي آهي ، ٽنڊو آدم ۾ پيراميڊيڪل ۽ ڊاڪٽرن پاران رسڪ الائونس جي بحالي لاء مظاهرو ڪري ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي و ئي ، ڪنڌ ڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيشن پاران اوپي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال جي مين گيٽ اڳيان بک ھڙتال ڪري سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي،  ان موقعي تي اڳواڻن  علي حسن قمبراڻي ، گوردن داس ، اڪبر علي اوڳاھي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت انهن  جا  جائز مطالبا مڃڻ لاء تيار ڪونه  آھي، مبارڪپور ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊي جو بائڪياٽ ڪري احتجاجي مظاهر و ڪيو ويو. ميان صاحب رورل هيلٿ سينٽر  ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان رسڪ الائونس ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاء  او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪندي ڊاڪٽر زبير احمد سومرو ،  اڪرم شيخ ، عبدالفتاح پنهيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي مک گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو جتي ملازمن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي تہ سندن منظور ڪيل رسڪ الائونس بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.