نوابشاهه ڀرسان وين ڪلٽي،هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت

نواب شاھ ڀرسان سڪرنڊ روڊ تي  ڪلوئي  اسٽاپ وٽ ٺري ميرواھ کان ڪراچي ويندڙ وين تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پيئي جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا ، هڪ مسافر سخت زخمي ٿي پيو ،  زخمين ۽ فوتين جا لاش نواب شاھ جي پي ايم سي اسپتال آندا ويا ،  فوتين ۾ وين ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر  ۽ھڪ نامعلوم مسافر شامل آهن جڏهن ته  55 سالن جي پيرسن عورت جي سڃاڻپ الھوسائي زال علي مردان  خيرپور ميرس واسڻ ٿي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.