اڳڙا ۾ چورن جو راڄ قائم ، هڪ ئي رات ۾ ڪيترن ئي دڪانن مان چوري

اڳڙا شهر ۾ چورن جو راڄ قائم ٿي ويو، چور هڪ ئي رات ۾ ڪيترن ئي دڪانن کي ٻهاري ڏئي ويا ،اڳڙا ٿاڻي جي حد جادو واهڻ مان چور دڪانن جون ڇتيون پٽي دڪاندار محمداسمائيل ڄامڙو جي موٽرسائيڪل جي شوروم مان ٻه لک ڪيش رقم موٽرسائيڪل جا ڪاغذ  عبدالستار آرائين جي سولر بيٽرين  جي دڪان مان بيٽريون، پکا ۽ روڪ رقم ،  ارسلان آرائين جي موبائلن جي دڪان مان موبائل فون ۽ روڪ رقم ، مٺل کهڙو جي ڪرياني جي دڪان مان لکين رپين جو سامان چورائي آسانيءَ سان فرار ٿي ويا،  چور سڄي رات دوڪانن سان  وار ڌات ڪندا رهيا پر اڳڙا گشتي پوليس  ڪو به چڪر نه لڳايو، دڪاندارن اسمائيل ڄامڙو . ارسلان آرائين . ستار . ۽ ٻين  احتجاج ڪندي چيو ته هڪ رات ۾ هيڏو  وڏو ڏوھ ٿيو پر پوليس کي ڪاب خبر ناهي، ٻئي طرف اڳڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او مصور قريشي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کوجي ڪتا ۽ پيراٺو گھرايا آھن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.