نواز شريف جي اثاثن جي ضبطگي تي 29 آڪٽوبر تائين عملدرآمد مڪمل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم جي اثاثن جي ضبطگي تي 29 آڪٽوبر تائين عملدرآمد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي اثاثن جي ضبطگي واري معاملي تي نواز شريف جي جائيداد، ڪمپنين ۾ موجود شيئرز جي ضبطگي ۽ بينڪ اڪائونٽ منجمند ڪرڻ بابت پورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته نواز شريف جي ملڪيت ۽ اثاثن جي ضبطگي تي عملدرآمد جاري آهي. جنهن تي احتساب عدالت نواز شريف جي اثاثن جي ضبطگي تي 29 آڪٽوبر تي عملدرآمد جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.