پاڪستان ڀارتي دهشتگردي جا نوان ثبوت سامهون آڻي ڇڏيا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف ڀارت جي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا نوان ثبوت پيش ڪري ڇڏيا.

ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي معيد يوسف چيو ته پاڪستان وٽ ڀارت جي دهشتگردن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ جا ثبوت آهن، آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) حملي جو ماسٽر مائنڊ حملي وقت ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ سان رابطي ۾ هو ۽ پاڪستان وٽ ڀارت مان ڪيل فون ڪالز جا ثبوت به آهن.

سندس چوڻ هو ته ”را“ پاڪستان ۾ پاڙيسري ملڪ جي سفارتخاني ذريعي چيني قونصليٽ، گوادر ۾ هوٽل، ڪراچي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪرايو، 2019 ۾ ڪابل ۾ ڀارتي سفارتخاني تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي 10 لک ڊالر ڏنا، جنهن جو مقصد ٽي ٽي پي ۽ 4 ٻين دهشتگرد تنظيمن کي ضم ڪرڻ هو.

هن چيو ته چيني قونصليٽ حملي ۾ ملوث اسلم اڇو جا پرائمس اسپتال نئين دهلي ۾ علاج جا ثبوت آهن، جڏهن ته سمجهوته جهڙي دهشتگردي ۾ ملوث هندو انتهاپسند دهشتگردن کي ڀارتي عدالتن رها ڪيو، پاڪستان ڀارت سان بامقصد ڳالهين لاءِ شرط به رکي ڇڏيا آهن.

معيد يوسف چيو ته والاريل ڪشمير جي سياسي قيدين جي فوري رهائي ۽ غير انساني فوجي گهيري جو خاتمو ڪيو وڃي، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي شرح ۾ تبديلي جو لاڳو قانون ختم ڪيو وڃي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ پاڪستان خلاف ڀارت جي رياستي دهشتگردي روڪڻي پوندي.ط

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.