سانگهڙ ۾ صحت کاتي جي ملازمن جو احتجاج

سانگھڙ (ڊ ر) ڪرونا وائرس ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏيندڙ صحت کاتي جي ملازمن پگھارون نه ملڻ ۽ صحت کاتي پاران  مستقل نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ نعري بازي ڪئي  ان موقعي تي صحت کاتي جي ملازمن محمد ياسين خٽڪ,  سنتوش ڪمار, شھباز قادر, زبيده خاتون ۽ ٻين چيو ته اسان ڪرونا وائرس ۾ پنھجي جان جوکم  ۾ وجھي ڊيوٽيون  سرانجام ڏنيون  پر ان باوجود  گذريل چار مھينن کان  اسان کي پگھار نه پئي ڏني وڃي ۽ نه ئي اسان کي مستقل ڪيو پيو وڃي جنھن جي ڪري اسان جا ٻار  فاقه ڪشي واري زندگي گذاري رھيا آھن  انھن صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان کي اسان جي پگھار جاري ڪئي وڃي ۽ مستقل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾  احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.