سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ٿيڻ نه ڏبو:محمد بخش مهر

خانپور مهر (ن ع آ) پ پ ايم اين اي محمد بخش خان مهر چيو آھي ته سنڌ نه مال غنيمت آھي نه ئي ڪو يتيم خانو آھي. وفاق کي نوان شھر تعمير ڪرڻا آھن ته  بني گالا وارا بنگلا ڊاهي اتي وڃي تعمير ڪري باقي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت هئا آھن ۽ ھميشه رهندا جنهن تي ڪابه ٻي راء نه قبولي ويندي. چيف سردار محمد بخش خان مهر اهڙن خيالن جو اظھار  گهوٽڪي ضلعي جي دوري دوران مختلف برادرين سان عذرخواهين دوران ڳالهائيندي ڪيو , سندس چوڻ ھو ته هڪ طرف لکين ڌاريا سنڌ ۾ ترسائي سنڌ جي ماڻھن جو استحصال ڪيو پيو وڃي ٻي پاسي سنڌ جي زمينن تي قبضي جا صدارتي فرمان پيا جاري ٿين ۽ ٽين پاسي سنڌ جي تيل , گئس ۽ لڳايل صنعتن مان سنڌ کي رائلٽي نه پئي ملي , مڪامي ماڻھو بي روزگار ۽ ٻيا سنڌ مان بڀ ڀريو وڃن ٿا.  هن چيو ته سنڌ کي مال غنيمت ۽ يتيم خانو سمجهڻ بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ 72 سالن جو ليکو ڪيو ته وزيراعظم سميت وفاقي نمائندن کي لڪڻ جي به جڳهه نه ملندي.چيف سردار محمد بخش خان مهر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته 18 آڪٽومبر وارو جلسو وفاقي حڪومت جي ڪنڌ ۾ هڪ ڪوڪو ثابت ٿيندو  ۽ کين گهرڀيڙو ڪرڻ لاء عوام کليل پيغام ڏيندو. جنهن ڪري سڀني کي 18 آڪٽومبر تي ڪراچي پهچڻ کپي.   چيف سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته ٻيٽن ته سنڌ جي ملڪيت آھن ان تي ته بحث اجايو آ پر هو سنڌ جي پاڻي , تيل , گئس ۽ سنڌ ۾ لڳايل صنعتن مان سنڌ جي حصي جي وفاق کان گهر ڪن ٿا. ان موقعي ته پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر سان گڏ حاجي زبردست خان مهر , مير خان مهر ,حاجي دادن خان مهر, غلام رسول خان مهر ,شاھ خالد  ,ثناء الله ڀٽو ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.