وڏي وزير باڊهه کي تعلقي بڻائڻ جي پڪ ڏئي ڇڏي

باڊهه (ن ع آ) باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ باڊهه جي مختلف سياسي سماجي ادبي مذهبي صحافتي تنظيمن ۽ راڄوڻي اتحادن تي جوڙيل باڊهه تعلقه موومينٽ جي جدوجهد رنگ لائڻ لڳي، گذريل جولاءِ 2019ع کان وٺي لڳاتار جاري تاريخي جدوجهد جي ڪاميابيءَ جا اهڃاڻ نظر اچڻ لڳا. باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي ۽ پ پ پ اڳواڻ فدا حسين ڍڪڻ سومر ڏينهن صبح جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سي ايم هائوس ڪراچي ۾ گڏيل ملاقات ڪري باڊهه شهر جي مسئلن کان آگاهي ڏني ۽ باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيڻ وارو سندس جو ئي واعدو کيس ياد ڏياريو. موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي باڊهه تعلقي متعلق جوڙيل فائل سندس حوالي ڪندي کيس ٻڌايو ته باڊهه شهر هڪ تاريخي ڪاروباري ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ خود لاڙڪاڻي شهر کانپوءِ ٻيون نمبر وڏو شهر آهي ۽ هر لحاظ کان تعلقي جو حقدار آهي، جتان اڪثر ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي اميدوار ڪاميابي ماڻيندا رهيا آهن پر سياسي طور باڊهه شهر بي ڌياني ۽ لاوارثي جو شڪار رهيو آهي ۽ شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ عوام کي بنيادي سهولتون دستياب نه هجڻ سبب شهر ويڳاڻپ ۽ تباهيءَ جي وَرِ چڙهي ويو آهي.

۽ ڪيترائي سال گذري وڃڻ جي باوجود باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو نه ڏنو ويو آهي. ڪامريڊ علي محمد بروهي وڏي وزير کي دعوت ڏيندي چيو ته اوهان باڊهه جو دؤرو ڪيو ۽ خود اچي اتان جي عوام سان ملي روبرو حال احوال اوريو ته جيئن حقيقتون معلوم ٿي سگهن. باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڪنوينر علي محمد بروهيءَ جي دعوت قبول ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه باڊهه تعلقه موومينٽ جي هلندڙ تاريخي جدوجهد جي ساراهه ڪئي ۽ باڊهه جي شهرين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.