نيازي حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي: عشرت حسين

ڀٽ شاهه ( رپورٽ : ارشاد ٻگھيو ) پ پ اڳواڻ عشرت حسن درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف تي حاضري ڀري مزار تي چادر چاڙهي ملڪ قوم سنڌ ۽ پي پي قيادت لاء دعا پڻ گهري، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تبديلي سرڪار عوام کي رڳو آسرا ڏنا ۽ عام کي ڪو به رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته نيازي حڪومت عوام کي سستائي ڪرڻ جو واعدو پر افسوس جو نيازي دوائن پيئٽرول کنڊ اٽو پتي گيھ ۽ ٻيو روز مره جي استعمال جي شين اگھ چوٽ چاڙهي ڇڏيا جنهن جي ڪري غريب مسڪين ۽ مزدور تبڪو انتهائي سخت مشاڪلاتن ۽ پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيازي حڪومت دوائن جا ريٽ وڌائي عوام کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو مزدور ۽ غريب طبقو پنج سؤ روپيا روز ڪمائي هو ڇا وٺي ڇا وٺي ڀاڄي وٺي گيھ کنڊ وٺي يا پنهنجو علاج ڪرائي ۽ وري دوائن جا ريٽ وڌائڻ سبب هنن کي ٻيڻون مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو اٿس هن وڌيڪ چيو ته گئس جا ريٽ بجلي مهنگي تيل مهنگو تبديلي سرڪار ته عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو هن وڌيڪ چيو ته عوام دعائون گهري رهي آهي ته هن ناڪارا يوٽرن واري حڪومت مان جلد جان ڇٽي ۽ پي پي جي حڪومتاچي ته جيئن غريب عوام کي ڪو رليف ملي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي پي هميشه غريب عام جي خدمت ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاء ڪم ڪيو آهي ۽ ڪندي رهندي.

هن وڌيڪ چيو ته برسات جي تباي سبب پي پي حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي متاثر علائقن متاثرن جي وقت سر مدد هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ گلگت بلتستان ۾ به حڪومت پي پي جي هوندي هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته پي پي جو هميشه اهو منشور رهيو آهي ته هوملڪ قوم ۽ عام جي خدمت ڪري ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ پي پي جي حڪومت هوندي ۽ اقتدار ۾ اچي عوام جي خدمت ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.