ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو، مهانگائي جون دانهون آهن: حاجي حنيف

بدين ( ڊ ر ) بدين جي ايوان صحافت ۾ پ پ  جي اطلاعات سيڪريٽري حاجي حنيف خاصخيلي.  غلام مصطفي جت، شاھ جھان ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 18 آڪٽوبر تي ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪارڪنن کي ڀرپور ڀيٽائون پيش ڪرڻ لاءِ ڪراچي جناح گارڊن ۾ ھڪ عظيم شان جلسو  رکيو ويو آهي، جنھن ۾ شھيدن کي ڀرپور ڀيٽائون پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي توڙي سنڌ جي آمدني پيدوار ۽ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي حوالي سان پيپلزپارٽي جا اڳواڻ خطاب ڪندا ھنن چيو ته پاڪستان ۾ سليڪٽيڊ وزيراعظم آڻڻ سان ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي ھر طرف مھانگائي جون دانھون ڪيون پيون انھي حوالي سان محب وطن پاڪستاني عوام کي ھن جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني پئي وڃي ته جيئن عوام وڌ کان. وڌ شرڪت ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.