آءِ بي اي ڪراچي ۾ ٽه پارٽي ٺاهه تي صحيحون

ڪراچي (پ ر) آءِ بي اي ڪراچي پاران ٽه پارٽي ٺاهه تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن ۾ آءِ بي اي کانسواءِ گيئر ۽ ڪلاس 93 به شرڪت ڪئي. ٺاهه ڪرڻ واري تقريب ۾ آءِ بي اي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ايس اڪبر زيدي، جي اِي اَي آر جي جي بورڊ جي اخلاق احمد ۽ آءِ بي اي جي ڪلاس 1993 جي علاءُ الدين احمد خصوصي شرڪت ڪئي. ان ٺاهه بعد حقدار شاگردن کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون ته جيئن تعليمي ميدان ۾ هو پنهنجا خرچا پورا ڪري سگهن ۽ کين معاشي خراب حالتن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي. آءِ بي اي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ايس اڪبر زيدي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته شاگردن جي وڌ کان وڌ مدد ڪيون ته جيئن اهي بهتر ماحول ۾ پڙهي ملڪ جي اعليٰ خدمت ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.