سوڀيديري جي سرڪاري اسپتال جي ڪواٽرن تي قبضو

سوڀوديرو ( ن ع آ ) سوڀوديرو شھر جي سرڪاري رورل ھيلٿ  سينٽر جي ايم ايس ڊاڪٽر عظيم عباسي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته اسپتال جي چئن  اسٽاف ڪواٽرن تي گلزار شيخ ۔پلوس عيسائي کيرو عرف لکمير شيخ رحمان شيخ وارن منھنجي چارج سنڀالڻ کان اڳ  قبضو ڪيو آھي جيڪي ڏوھاري قسم جا آھن ۽ اسپتال اندر فحاشي ڦھلائي رھيا آھن ايم ايس ٻڌايو ته  مون کي ٽي مھينا ٿيا آھن چارج ورتي مون بالا آفيسرن کي لکت ۾  رپورٽ ڪئي آھي پر ھن وقت تائين قبضو   ختم نه ٿي سگھيو سوڀوديرو جي  شھرين شاھنواز سومرو، اسلم سھتو، زيب خان، امداد اوٺي ۽ ٻين چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ وزيراعلي سنڌ، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري اسپتال جي اسٽاف ڪواٽرن تان قبضو ختم ڪرائي اسپتال جون رونقون بحال ڪرايو وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.