قاضي احمد ۾ مسلم ليگ ف جي ڪارڪن پارٽي کي الوداع

قاضي احمد ( ن ع آ ) قاضي احمد ۾ سوين مسلم ليگ ف  جي ڪارڪنن پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻيٽن، صوبائي خودمختياري ۽ ٻرندڙ اشوز تي مجرماڻي خاموشي ۽ وفاق سان ٻٽ بڻجڻ اسان کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو آهي ، ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل تعلقي اڳواڻن حفيظ الرحمان جوڻو، استاد عبدالله چانڊيو، ابراهيم چانڊيو، اياز راهو، حاجي راهو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مسلم ليگ فنڪشنل جا سرگرم ڪارڪن آهيون، اسان پ پ  جي ڳڙھ ۾ ويھي ڪانٽي جا مقابلا ڪيا، پر مرڪزي قيادت سميت مقامي قيادت به اسان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته تنظيمي اصولن جون پڻ ڀڃڪڙيون ڪندي رهي آهي، ڪارڪنن سان صلاح مشورو يا انهن جا مسئلو مسائل ڪير پڇڻ وارو ناهي سيد آصف علي شاھ اسان کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي.ڪارڪنن جي ڪابه اهميت ناهي مختلف يونين ڪائونسلن جا سوين ووٽر آهيون جيڪي اڄ اجتماعي طور تي عهدن ۽ بنيادي ميمبر شپ تان استعيفائون ڏيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.