حب جي چيزل آباد ۽ آفتاب ڪالوني ۾ گندگي جا ڍير

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) حب شهر جي علائقي چيزل آباد، آفتاب ڪالوني جي گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا، گٽر اٿليل هئڻ ڪري گندو پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ بيٺل آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ميونسپل ڪارپوريشن حب جي آفيسرن کي ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏنيون آهن پر ڪو به پرسان حال ناهي، انتظاميا اگهور ننڊ ۾ پيل آهي، درگاهه واري گهٽي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته گندگي سبب شهري مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا، هنن ڊي سي لسٻيله حسن وقار چيما، اسسٽنٽ ڪمشنر حب روحانه گل ڪاڪڙ کي اپيل ڪئي ته ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيسرن جي نااهلي جو نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.