اوٻاوڙي لڳ احمد رضا بريلوي جي 103 هين عرس جي مناسبت سان تقريب

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙو لڳ ريتي شهر ۾ امام اهلسنت علٰي حضرت امام احمد رضا قادري بريلوي رحمة الله عليه جو 103 عرس مبارڪ يوم رضا جي عنوان سان ملهايو ويو جنهن ۾ خصوصي خطاب حيدرآباد  کان آيل مولانا قاري اياز عطاري فرمايو هنن چيو ته اعلٰحضرت علم جو سمنڊ هو جنهن کي 100 کان مٿي مختلف علمن تي ڪمال درجي جو عبور حاصل هو جنهن علمن تي هنن جون هڪ هزار کان مٿي ڪتابون ڇپجي چڪيون آهن جنهن مان مسلمان اڄ تائين فائدو حاصل ڪري رهيا آهن امام احمد رضا رحمةالله عليه وقت جو مجدد هو سندس دور ۾ دين خلاف اڀريل فتنن جو پنهنجي علم ۽ قلم وسيلي مقابلو ڪري دين جي تبليغ ڪئي جنهن پنهنجي تحريرن ۽ لکيل نعتيه شاعري وسيلي مسلمانن ۾ عشق مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کي اڄاگر ڪيو پرگرام ۾ دعوت اسلامي جي مشهور نعت خوانن نعتون پڙهيو جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي آخر ۾ ملڪ پاڪستان ۾ امن امان لاء خصوصي دعائون گريون ويون.

ڀريا سٽي ۾ ن ليگ جي باڊي جي چونڊ، نوان عهديدار مقرر

 

ڀريا روڊ  (ن ع آ) ن  ليگ ضلعي نوشهرو فيروز جي صدر ايڊو ڪيٽ ملڪ وسيم اعواڻ جي نگراني ۾ ڀرياروڊ سٽي جي باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ صدر شبير مغل ، سينئر نائب صدر جاويد امجد آرائين ، جنرل سيڪٽري نواز علي ۽ ٻيا عهديدار چو نڊيا ويا  ضلعي صدر ملڪ وسيم اعوان چيو ته ن ليگ هميشه  عوامي سياست ڪئي آ  ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ جدو جهد ڪئي آ ۽ 27 تاريخ تي نوابشاه ۾ تاريخي جلسو ٿيندو جنهن جلسي ۾ ن ليگ جي مرڪزي قيادت مريم نواز ، اڳو ڻو وزير آعظم خاقان عباسي ۽ سنڌ جو صدر شاه محمد شاه جن شرڪت ڪندا،

گهوٽڪي ڀرسان پ پ ايم اين علي نواز مهر فوتگي تي تعزيت ڪئي

 

گهوٽڪي ( ڊ ر ) پ پ ايم اين اي علينواز عرف راجا خان مهر مومل جي ماڙي پهچي مختلف برادرين سان عذرخواهيون ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , راجا خان مهر مومل جي ماڙي پهچي بشير مهر سان سندس والد جي وفات تي عذرخواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , جنهن بعد پ پ ايم پي اي استاد غلام محمد شيخ جي وفات تي سندس پٽ غلام مرتظئ شيخ سان عذرخواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , ان موقعي تي راجا خان مهر سان سيد اصغر علي شاھ , سيد الله وڌايو شاھ , چوڌري لياقت آرائين , صدام آرائين ,  سڪندر اعظم ڪڪڙو ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.

ٺٽي ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد، خان اليون سوڀاري

 

ٺٽو(ڊ ر)پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي طرفان مڪلي تي 15 روزه دولھ درياء خان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرايو ويو، جنھن جي فائنل ۾ خان اليون ۽ مخدوم اليون ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿي گذريو، جنھن ۾ پھريان بيٽينگ ڪندي خان اليون اسپورٽس مقرر اوورن ۾  180 رنسون ٺاھي ڪاميابي ماڻي ورتي، جنھن جي جواب ۾ مخدوم اليون 171 رنسون ٺاھي ڍير ٿي ويئي، مين آف دي مئچ باقي خان پٺاڻ رھيو. ھن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مھمان خاص پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري سيد ذوالفقار علي شاھ ۽ ضلعي ٺٽي جو صدر رئيس ارسلان خان بروھي جن ھئا، جن ونر ۽ رنر ٽيمن جي رانديگرن کي ٽرافيون، ميڊل ۽ انعام ڏيئي سندن حوصلا افزائي ڪئي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.