”مطالبا مڃو“ سکر ۾ آپڪا جي ڪم ڇڏ هڙتال

سکر ( رپورٽر) آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن(آپڪا) گڊو بئراج يونٽ سکر طرفان ڊئزرٽ پٽ فيڊر سرڪل سکر کان ڪشمور منتقل ڪرڻ خلاف گڊو بئراج ريجن سکر جي آفيس ٻاهران قلم ڇوڙ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاهري جي اڳواڻي ڊويزن جو صدر نثار ڀٽي، ضلعي صدر عبدالقيوم کوسو، جنرل سيڪريٽري آغا طاهر مغل، جاويد ڀٽو، رفيق لاشاري، غلام شبير سومرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، مظاهرين چيو ته انگريزن جي دور کان گڊو بئراج ريجن آفيس ۽ ان جون ٻئي سرڪليون سکر بئراج ڪالوني ۾ قائم آهن جڏهن ته ملازمن جي لاءِ رهائشي ڪوارٽر به ملازمن کي الاٽ ٿيل آهن، جيڪڏهن آفيس ڪشمور منتقل ٿي وڃي ته ملازم انتهائي پريشانين جي ورچڙهي ويندا، ان سان گڏ ان جي ٻارن جي تعليم به تباهه ٿي ويندي، هن چيو ته اعليٰ آفيسرن جي طرفان ڪيل ظالماڻي ڪارروائي کي جلد از جلد روڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.