ريتي ۾ ڳوٺاڻي جو سهري جي ڏاڍ خلاف احتجاج

ريتي (ن ع آ) ريتي لڳ ڳوٺ ڳوٺ غلام حيدر رند جي ڳوٺاڻي  صغيراحمد ولدظهوراحمد  رند جو  سھري جي ڏاڍ خلاف احتجاج، صفير رند  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو سھرو رشید رند لالچي قسم جو ماڻهو آهي. ان پئسا گهريا  مون انڪار ڪيو ته ھن منهنجي گھر واري سائره رند کي پنهنجي گھر وٺي وڃي ويھاري ڇڏيو آهي هاڻي هو مون کي چوي ٿو ته پئيسا  ڏي نه ته مان توتي اهڙو ڪيس ڪندس جو تو ن هميشہ لاءِ ياد رکندين  منهنجو سھرو رشيد رند بااثرن سان ملي مونکي موتمار ڌميڪيون ڏي ٿو  صغير احمد رندجي امڙ لڙڪ لاڙيندي ميڊيا کي ٻڌايوته اسان نھايت غريب آهيون   صغيررند ۽ ان جي امڙ جيجل جو چوڻ هوته خدارا ان معاملي جي صاف شفاف انڪوائري ڪئي وڃي صغيراحمدرند جووڌيڪ چوڻ هوته منهنجي سھري جا مون مٿان لڳل الزام سڀ بينياد آهن  انھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.