مدئجي ۾ٽائون ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي جي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ شروع ڪيل احتجاج ۽ علامتي بک هڙتال ستين ڏينهن به جاري رکي،جنهن دوران اڳوڻو ٽائون ڪاميٽي چيئرمين نجف علي ڪماريو احتجاجي ڪئمپ تي پهچي علامتي بک هڙتال تي ويٺل ملازم اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون،جنهن بعد اڳوڻي ٽائون چيئرمين ملازمن کي مسئلن کي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ملازمن کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ چيو،جنهن تي ملازمن پاران ٽائون چيئرمين کي موٽ ڏيندي احتجاج ختم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جنهن دوران ٽائون چيئرمين نجف علي ڪماريو علامتي بک هڙتال تي ويٺل ملازمن کي جوس پيئاري بک هڙتال ختم ڪرائي.

ملازمن چيوته اڳوڻي ٽائون چيئرمين نجف علي ڪماريو احتجاجي ڪئمپ تي پهچي ايڊمسٽريٽر سان ڳالهائڻ بعد جلد ملازمن کي واڌپ پگهار ۽ ڊفرنس ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي آهي جنهن بعد احتجاجي تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا،هنن چيوته اسان جي احتجاجي تحريڪ جي حمايت ڪندڙ شهرين ۽ بهترين ڪورريج ڏيڻ تي سنڌي ميڊيا جا احسان مند آهيون…

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.