ٽنڊو باگو ۾ ڇهن مهينن کان اسڪول بند، مظاهرو

ٽنڊو باگو ( ت ر ) ٽنڊو باگو وارڍ 7 ڪوٽڙي ملاح جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول عرس ملاح ۾ ڇهن مهين کان استاد مقرر نه ٿي سگهيو، جڏهن ته اسڪول ۾ استاد نه هئڻ سبب سوين شاگردن جي تعليم داءُ تي لڳل ڳوٺاڻن ۽ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو، انهي موقعي تي اڳواڻن پرويز ملاح، نواز ملاح، لکاڏنو ملاح جڏهن ته شاگردن ۾ اسلم .رياض.اقراءَ  ۽ ٻين چيو ته اسڪول ۾ استاد نه هئڻ سبب ڪافي مهينن کان تعليم متاثر ٿي رهي آھي، بار بار انتظاميه کي چيو آھي پر ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آھن تعليم کاتي جي بالا آفيسر کان مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرائي تعليم کي تباهي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.