نوشهري جي چوپائي مال ۾ بيمار، ڪيترائي جانور مري ويا، ڀاڳيا پريشان

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ضلعي اندر لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبنڊري ۽ بريڊنگ کاتو مالوند ماڻهن کي ڪو به فائدو نه ڏئي سگهيو آهي جنهن ڪري مختلف بيمارين، تازين برساتن کان پوءِ مڇرن ۾ اضافي اچڻ ۽ ويڪسين نه ٿيڻ ڪري جانورن جي مرڻ جو سلسلو جاري آهي  ۽ سرڪار جي مد ۾ ملندڙ دوائون به مالوند ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ ڏوڪڙن عيوض پرائيويٽ اسٽور الشفا ۽ عاشيان تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. جڏهن ته نوشهروفيروز ضلي اندر موبائل يونٽ انچارج محمد انور وسطڙو 1996 کان يونين جي آڙ ۾ هن مهل تائين ڊيوٽي ناهي ڪئي ۽ سرڪار پاران ملندڙ دوائون مٺياڻي روڊ تي پنهنجي پرائيويٽ اسٽور تي وڪرو ڪري رهيو آهي جيڪو 24 سالن ۾ ملندڙ دوائن جو مسٽرول به نه ٺاهي سگهيو آهي ضلعي اندر ڪم ڪرڻ بجاءِ پنهنجي پرائيويٽ اسٽور تي ويهي مالوند ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيو آهي. ٻئي طرف لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ جي به ساڳي صورتحال آهي جنهن ۾ پڻ لکين رپين جي ٻج ڀرڻ واري ميڊيسن لائيو اسٽاڪ هسبنڊري جو سينئر انسپيڪٽر فدا حسين سهتو جيڪو هن وقت غير قانوني طور ۽ او پي ايس تي لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ جي اسٽور تي ڪيترن ئي سالن کان قبضو ڪيو ويٺو آهي اهو ڊپٽي ڊائريڪيٽر لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ ڊاڪٽر ثناءُالله راڄپر سان ملي ڀڳت ڪري دوائون مالوند ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ ٺاروشاهه شهر ۾ پنهنجي پرائيويٽ اسٽور الشفا تي وڪرو ڪري لکين رپيا ڪمائي رهيو آهي.

جڏهن ته فدا حسين سهتو لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبنڊري جو ملازم هوندي اينيمل بريڊنگ ۾ ويٺي اڪائونٽنٽ انور راڄپر سان ملي ڀڳت ڪري ڪيترن ئي سالن کان پگهارون لائيو اسٽاڪ هسبنڊري کان کڻي رهيو آهي. هتان جي سياسي سماجي ڌرين پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته غير قانوني او پي ايس تي ويٺل سينئر انسپيڪٽر فدا حسين سهتو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ثناءُالله راڄپر، اڪائونٽنٽ لائيو اسٽاڪ هسبنڊري انور راڄپر، موبائل يونٽ انچارج محمد انور وسطڙو پاران ڪيل ڪرپشن جي جانچ ڪري سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪري مالوند ماڻهن کي دوائون ڏئي سندن وٿاڻ خالي ٿيڻ کان بچايا وڃن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.