عمرڪوٽ: تيمور ٽالپر سميت 8 ڄڻا حليم عادل تي حملي ڪيس مان بري

سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو عمر ڪوٽ  جي عدالت صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر، ڪنري ٽائون چئرمين شڪيل باجوه ۽ سندس ڀاءُ منصور باجوه سميت 8 ڄڻن کي حليم عادل تي حملي جو  ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو..  ان موقعي صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر ڳالهائيندي چيو ته حليم عادل شيخ پاران انهن تي ڪوڙو ڪيس  داخل ڪرايو ويو هو ، جنهن مان ڪورٽ سڳوري باعزت بري ڪيو آهي ۽ هن چيو ته حليم عادل شيخ جو ڪوبه سياسي گرائونڊ ناهي،  ڪڏهن ڪنهن پارٽي ۾ ته ڪڏهن ڪنهن پارٽي ۾ آهي ۽ پ پ ۾ اچڻ لاءِ اسان کي منٿون ڪري رهيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.