نينگري سان ڏاڍائي جو جوابدار گرفتار نه ٿيو، ٽنڊومستي ۾ احتجاج

ٽنڊومستي (ن ع آ )  ٽنڊومستي پريس ڪلب تي ڪي ٽي اين ڪوٽڏيجي جي رپورٽر  سينيئرصحافي خان محمد ملاح جي معصوم نياڻي سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ بااثرجوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو خيرپورپوليس بااثرجوابدار کي پٽي ڀائي جو پٽ هجڻ ڪري گرفتار ڪرڻ کان لوائڻ لڳي پوليس جي اهڙي نااهلي خلاف صحافتي ڌرين ۾ تاءُ پکڙيل ان موقعي تي پريس ڪلب ٽنڊومستي جي صحافين صدر اخلاق حسين چانڊيو، طاهرخان بروهي، صفي الله جتوئي، رزاق خان مري، ساجد علي سومرو، نادرعلي اڄڻ، فداحسين لنجواڻي، جاويد احمد لهر، حنيف ارباب ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.  هنن ڳالهائيندي چيو ته خيرپور پوليس پنهنجي پريس رليز ۾ جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪري ٻن ڏينهن کان پوءِ بااثر جي چوڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.