جمال شاهه ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف مظاهرو

جمال شاهه  ( ن ع آ ) جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ فوٽو خان ڪنڀر جي رھواسي محمد صالح ڪنڀر پريس ڪلب جمال شاھ  ۾ احتجاج ڪندي چيو ته مان زمين 124 ايڪڙ زمين محمد خان ڀٽي کان خريد ڪئي هئي، ان زمين تي بااثر وڏيري سلام خان ڪٻر قبضو ڪري مون تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ۽ جيل موڪليو، جنھن بعد ان زمين جو فيصلو سردار ڄام تماچي انڙ ۽ بھار خان مري ڪيو، جنھن ۾ سلام خان ڪٻر کي ڏوھي قرار ڏنو ويو ۽ ناجائز قبضو ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جا مٿس 40 لک ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته سلام خان ڪٻر 24 لک سردار ڄام تماچي جي بنگلي تي ڏنا بقايا رقم ھڪ مھيني ۾ ڏيڻ جو چيو، ان هڪ مھيني کي 3 سال گذري ويا آهن،  مون هن کان پيسا گھريا ته هن مون کي موت مار ڌمڪيون ڏئي موٽائي ڇڏيو، جنھن بعد مون سيشن ڪورٽ نواب شاھ ۾ سندس خلاف درخواست داخل ڪرائي، ڪورٽ سڳوري طرفان نوٽيس اچڻ تي سلام خان ڪٻر ھوش مان نڪري ويو آهي ۽ رات منھنجي ڳوٺ ھٿياربند ساڻ ڪري آيو ۽ وري به مون کي موت مار ڌمڪيون ڏنيون، هن چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کان نوٽيس وٺن جو مطالبو ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.