لاڙڪاڻي ۾ شهرين جو پوليس وارن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ شهر جي قطب ڪالوني جي رهواسي عورتن ۽ مردن حد جي ترڪ پوليس چونڪي جي انچارج جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي گاهه ڪري پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت مختيار شيخ پنهنجي پيرسن پيءُ غلام محمد، امڙ شفاعت خاتون، ڀاءُ جنسار، سئوٽ ريحانه، نسرين، ڀاڳل ۽ ٻين وارثن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته آءُ قطب ڪالوني ۾ گاهه ڪري گڏهه گاڏي تي شهر جي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو آهيان. هن الزام لڳايو ته گذريل ڏينهن دڙي ٿاڻي جي حد قطب ڪالوني ڀرسان آءُ ٻنين ۾ گاهه ڪري رهيو هيس جتي ترڪ پوليس چونڪي جي انچارج مشتاق تنيو ۽ اهلڪار رفاقت شيخ اچي مون مٿان يو پي ايس ۽ بئٽري چوري جو الزام لڳائيندي تشدد جو نشانو بڻائي مون کان 5 هزار ڦر ڪري بعد ۾ ٿاڻي تي وٺي ڪجهه ڪلاڪن کان بعد آزاد ڪري ڇڏيو . جڏهن ته مشتاق تونيو سال اڳ ڀاءُ نثار احمد شيخ مٿان به ٽي سولر پليٽون چوري ڪرڻ جو الزام لڳائيندي کيس گرفتار ڪري بعد ۾ کانئنس 70 هزار روپيه وٺي آزاد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته بااثر چونڪي انچارج مشتاق تنيو مسلسل اسان سان زيادتيون ڪري رهيو آهي جنهن مان اسان کي جان جو خطرو پڻ آهي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس چونڪي انچارج مشتاق تونيو ۽ رفاقت شيخ خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.