ڌاٻيجي ۾پيئڻ جو پاڻي ناياب، چونڊيل نمائندا آرامي!

ڌاٻيجي( ن ع آ )  يوسي ڌاٻيجي ۽ يوسي ڀنڀور جي مختلف علائقن شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني ،غريب آباد مارڪيٽ ،بلال نگر ،راجپوت پاڙو ،ڳوٺ عبدالوهاب جوکيو،بخاري پاڙو ،ناريجا پاڙو ،بلوچ پاڙو ،جلباڻي پاڙو ،ماڊل ڪالوني ،ڌاٻيجي سٽي سميت ٻين مختلف  ننڊن وڏن علائقن ۾ پئيڻ جو پاڻي شديد قلت اختيار ڪري اڻلڀ ٿي ويو چونڊيل نمائندا بيوس بڻيل انهي موقعي تي علائقي واسين  رفيق  ڏيٿو،جان عالم جوکيو ، شاهد حسين سمون ،عبدالمالڪ بلوچ  ۽ ٻين ٻڌايو ته مقامي انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي ٺٽي جي انتظامياجي نااهلي جي ڪري گذريل ڪيتري عرصي کان علائقي ۾ ڪربلا جو منظر لڳو پيو آھي.  ماڻھو پئيڻ جي پاڻي جي ڦڙي لاء ترسي ويا آھين پاڻي جي شديد کوٽ سبب علائقي واسي پورهيت طبقو   پنج ڪلو ميٽر پنڌ ڪري نٽھڻ اس ۾ پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھين پر افسوس جو مسلسل احتجاج باوجود ڪوبه چونڊيل نمائندو نوٽس وٺڻ لاء تيار نه آھي علائقي واسين کي پئيڻ جو پاڻي ڏنو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.