ٻنون ۾ گيسٽرو ڪر کنيو، ڪيترائي اسپتال داخل

ٻنون (ن ع آ ) دڙو, ٻنون, لائقپور, دڙو, بچل گگو, حسين پور يونين ڪائونسلن جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ الھبخش شورو, ڳوٺ رتو لاشاري, ڳوٺ عيسي شورو, ڳوٺ طيب سومرو, ڳوٺ چوٿو ڪولھي, ڳوٺ خميسو چانگ, ڳوٺ پپو ڪنڊرا, ڳوٺ پپو ڪنڊرا, ڳوٺ بابو لاشاري, سومار سھتو, ڳوٺ بچل گگو, ڳوٺ ڊڀو موري, ڳوٺ حاجي قاسم ڌماچ, ڳوٺ عثمان لاشاري, ڳوٺ حاجي عمر لاشاري, ڳوٺ عبدالله خاصخيلي, ڳوٺ اسماعيل ملاح ۾ خيرالنسان شورو, امير بانو, شھناز, شبيران, سونا, شبو, شازيه, زرينه, صاحبه, ماروي, شاھزيب, فرزانه پليجو, شاھد ڌماچ, بلاول ڌماچ, روشن, عزيز خدابخش خاصخيلي, فريد خاصخيلي, خدابخش جانوري, حاجن ملاح, حليمان لاشاري, محمدالرحيم ملاح سميت ٻين مختلف ڳوٺن ۾ معصوم ننڍا ٻار, عورتون, جوان, پوڙھا گيسٽرو جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. ڳوٺن جي ھر گھر ۾ رھندڙ ماڻھو خاص ڪري ننڍا ٻار گيسٽرو جي بيماري ۾ مبتلا ٿيل آھن. گسٽرو جي بيماري ۾ مبتلا متاثرن ۽ ڳوٺاڻن صحافين کي ٻڌايو ته گذريل 3 مھينن کان وٺي مذڪوره ڳوٺن جا تقريبن ھڪ ھزار کان وڌيڪ معصوم ٻار, عورتون, جوان پوڙھا ڊائريا ۽ مليريا جي خطرناڪ بيماري ۾ وڪوڙيل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.